عبرت ڪده

عبرت ڪده

عبرت ڪده

عبرت ڪده (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب، ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 30 ڪهاڻيون ڏنل آهن، جن ۾ فوجي سپاهي، سونو هار، غيرتمند، مجاور، ڏکايل، عاشق، پاڪيزا رشتن جي هڪ عجيب غريب ڪهاڻي، انڌي، رحمو فقير، پچڪاري، بي وفا، فريب جو شڪار، پرديسي، بدنصيب راڌا، محبت جو گنهگار، پورنما، باغائي، ماءُ جو پٽ، انتقام، نئين تهذيب، شڪ جو نتيجو، ڀاءُ جي قرباني، ناحق، سلڇڻي، ويساه گهاتي، جوزف ۽ نوران، قسمت جي گردش، زماني جو چڪر، بي گناهه ۽ مامتا شامل آهن. هيءُ ڪتاب جو ٽيون ڇاپو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1961ع ۾، جڏهن ته ٻيو ڇاپو 1975ع ۾ شايع ٿيو.
347 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 2002ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو